جدائي ٿي جهوري

جدائي ٿي جهوري (هڪ گيت): هيءُ سنڌ جي ٿرپارڪر جو مشهور لوڪ گيت آهي هن گيت ۾ ڏکويل ڀيڻ جا پنهنجي بيگناهه ڀاءُ جي مارجڻ تي درد جا آلاپ رقم ٿيل هوندا آهن. هن لوڪ گيت لاءِ روايتون آهن ته تعلقي ڇاڇري جي هڪ ڳوٺ ۾ منگهي درس نالي هڪ نوجوان رهندو هو، جيڪو پنهنجي وڏي ڀيڻ ۽ اڪيلي ڀاءُ جو سهارو هو. ان کي پنهنجي ئي ڳوٺ جي هڪ ڇوڪريءَ سان محبت هئي. ان محبت جي کڙڪ پوڻ تي منگهي جي محبوبه کي مائٽن پرڻائي ڇڏيو. ان بعد منگهي ته پرائي لڄ ڄاڻي پنهنجي دل تان خيال لاهي ڇڏيو پر ڇوڪريءَ جي مڙس کي منگهي لاءِ دل ۾ شڪ موجود هو. جنهن پنهنجي دوستن سان ملي منگهي کي قتل ڪري ڇڏيو. چون ٿا ته ڀاءُ جي وفات بعد سندس ڀيڻ آلاپ ڏنا ۽ آخر تائين غم ۾ رهي. اهڙيءَ ريت اهي ٻول عوام جي زبان تي ٻرڻ لڳا ۽ ساڳئي مضمون هيٺ ڪن مصرعن جي واڌاري سان هيءُ گيت مشهور لوڪ گيت بڻجي پيو:
منگها تنهنجي محبت، ساريو سڙان ڙي
ان وراڻي کان علاوه هن لوڪ گيت جون ٻيون وراڻيون مشهور ٿيون. جهڙوڪ:
ڇوريءَ کي ڇوري ڪري ڇڏي وئين ڙي
منگها تنهنجي جدائي ٿي جهوري ڙي
اسر جي ويل تون اڳئين جون ماريين ڙي
منگها تنهنجي محبت ٿي ماري ڙي...


هن صفحي کي شيئر ڪريو